پاٽائي شيخ رڪن الدين

پاٽائي، شيخ رڪن الدين: شيخ رڪن الدين ولد شيخ معروف پاٽائي 1470ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو واسطو سهرورديه، ڪبروِيه ۽ بلاولي تحريڪ سان چيو وڃي ٿو. پاٽ جي قديم روايتن موجب مخدوم بلاول جو پاٽ ۾ اچڻ ٿيو هو. امڪان آهي ته هُو شيخ معروف جي وفات يا شيخ رڪن الدين جي دستاربنديءَ لاءِ آيو هوندو. شيخ رڪن الدين جي زندگيءَ جو عرصو سمن جي آخري دور ۽ شاهه بيگ ارغون جي حڪومت وارو آهي. ان عرصي دوران هن ٺٽي ۾ درس تدريس جي پيشي ۾ ڄمار صرف ڪئي. شيخ رڪن الدين 1545ع ۾ وفات ڪئي ۽ مڪليءَ ۾ مدفون ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو